هارون چنا

هارون چنا

چنا هارون

چنا، هارون: ناميارو ليکڪ، شاعر ۽ چترڪار هارون چنو ولد محمد لائق، 10 جون 1948ع تي رستم، ضلعي شڪارپور لڳ ڳوٺ ٽنڊي علي شير ۾ ڄائو. هن پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ جي اسڪول مان حاصل ڪئي. هـارون چـنـي 1972ع ۾ مـاسـٽـر آف ڊزائـننـگ ۾ فـرسـٽ ڪـلاس فـرسـٽ پـوزيـشـن مـاڻـي ۽ حيـدرآباد ۾ ڊزائينـنگ ٽيچرس ڪورس ۾ به سڄيءَ سنڌ ۾ فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن حاصل ڪئي. هارون چنو 1968ع ۾ قاضي احمد هاءِ اسڪول ۾ ڊرائنگ ٽيچر مقرر ٿيو ۽ 9 جون 2008ع تي رٽائر ڪيائين. سندس پسنديده موضوع ادب ۽ آرٽ آهن. هن لطيف سائينءَ جي سورمين ۽ سورمن کي واٽر ڪلر، آئل پينٽ، پين ۽ پينسل سان جيڪا سونهن ۽ زندگي بخشي آهي، سا ڪمال جي آهي. سندس تصويرن ۾ سنڌ جي تهذيب جو سدا بهار حسن جھلڪي ٿو. هن 1981ع ۾ سنڌ آرٽسٽس گلڊ پاران پنهنجن فنپارن جي پهرين نمائش ڪرائي. سندس تصويرن جون نمائشون ڪيترن هنڌن تي ٿينديون رهيون آهن. هن شاعري جي ابتدا 1966ع ۾ ڪئي. سندس پهريون شعر ’هي جهان وارا‘ روزاني ’نواءِ سنڌ‘ اخبار جي ٻارن واري صفحي ۾ شايع ٿيو. هن ڪيترو عرصو ’فقير تارڪ‘، ’سمبل چڪوي‘ ۽ ’امرت‘ جهڙن فرضي نالن سان ڪهاڻيون ۽ مضمون به لکيا. هن ڪيترن ڪتابن جا ٽائيٽل به ڊزائن ڪيا، جن ۾ ’وٺي هر هر جنم وربو‘ ۽ ڪيترن ڪتابن جا ٽائيٽل تعريف لائق آهن. هن جي. ايم. سيد، ذوالفقار علي ڀُٽي، شيخ اياز ۽ علامه آءِ. آءِ. قاضيءَ سميت ڪيترين عظيم شخصيتن جا پورٽريٽ ٺاهيا آهن. وڏي عرصي کان سنڌي ادبي سنگت جو ڪارڪن رهيو آهي. چڪ ۾ وٽس هڪ وڏي ذاتي لائبرري آهي. سندس ڪجهه ڪتاب اڻ ڇپيل صورت ۾ موجود آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1948.06.10  عيسوي

ناميارو ليکڪ، شاعر ۽ چترڪار هارون چنو ولد محمد لائق، 10 جون 1948ع تي رستم، ضلعي شڪارپور لڳ ڳوٺ ٽنڊي علي شير ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پرتاب راءِ مُنشي
پراتڀا ديوِي سنگهه
اشفاق پرويز ڪياني جنرل
راس مسعود حسين
خليفو احمد خان نظاماڻي
جمالي شيخ حماد
اختر ڪاڪيپوٽو
سيد روشن علي شاهه
ستار حسين خان
پرٿوي راج چوهاڻ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون